|
نالي الله جي
نالي الله جي
نالي الله جي ٻيڙو تار منهنجو
آ نينگر نماڻي
آهي آڌار تنهنجو
ڏاڍو آهي ستايو دنيا جي گردش
آ مُهڻو مٽايو مٽن مائيٽن
ڪر ٻاجھ ٻانهيءَ تي
ڏي ديدار پنهنجو
ويا سُورَ ساڙي ويو درد ماري
دل ماندي منهنجي رڳو توکي ساري
ڪر سڻائي منهنجي
مون کي آسرو تنهنجو
ڏاڍي آهي تنگي
دنيا دورنگي
بنا ڌڻيءَ پنهنجي ڪو
ڪونهي ڪو مائيٽ ڪنهن جو
هڪ دردَ ماريو ٻيو مرض ماريو
دنيا ڌڪاريو سائين سنڀاريو
ڪريو نظر شفا جي
سائين روئندا کِلايو
ڏکڙا مٽايو وري در تي گھرايو
هي عرض فرحان جي سائين اگھايو
وڃي ملي مزدوري
لهي وڃي منجھاري
ڏسان مان درڙو تنهنجو
|